| اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير جو ٽيليفونڪ رابطو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ٽيليفونڪ رابطو. مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق نائب وزير اعظم ۽ مصر جي پرڏيهي وچ ۾ ٻطرفي تعلقن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي. صوماليا ۽ يمن سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ويو. علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو.