اسحاق ڊار پاران آمريڪا ۽ ايران معاهدي جا تفصيل ايوان ۾ پيش

اسحاق ڊار پاران آمريڪا ۽ ايران معاهدي جا تفصيل ايوان ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدو ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ايوان کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدو 14 نڪتن تي مشتمل آهي. معاهدي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جون صحيحون ٿيل آهن، پاڪستان هن معاهدي ۾ ثالث جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ايوان ۾ پيش ڪيل تفصيل مطابق پاڪستان طرفان معاهدي تي وزيراعظم شهباز شريف صحي ڪئي آهي، جنهن سان پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل هن اهم سفارتي معاهدي ۾ ضامن ۽ ثالث ملڪ جي حيثيت حاصل ٿي آهي. معاهدي جا 14 نقطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن، علائقائي استحڪام ۽ گڏيل مفادن سان لاڳاپيل معاملن جو احاطو ڪن ٿا، معاهدي جا وڌيڪ تفصيل لاڳاپيل دستاويزن ذريعي سامهون ايندا.