اسد عمر به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار: فواد ضمانت ڪرائي ورتي
مَي 10, 2023
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اسد عمر به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته فواد چوڌري گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ لاءِ آيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته کين عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه پئي ملي، عدالت نوٽيس وٺي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي، اسد عمر اها درخواست کڻي چيف جسٽس جي ڪمري ۾ ويو، جنهن کانپوءِ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي لائبريري پهتو، جتان اسلام آباد پوليس جي اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ کيس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي وڪيلن گرفتار ٿيڻ کان بچائي ورتو. اسد عمر جي گرفتاري واري اطلاع ملڻ بعد فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي جيڪا منظور ٿي وئي عدالت نيب، پوليس ۽ وفاقي حڪومت کي فواد چوڌري کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.