اسد عمر به سائفر معاملي ۾ اسلام آباد مان گرفتار، شاهه محمود قريشي عدالت ۾ پيش

آگسٽ 20, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کانپوءِ اسد عمر کي به اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب اسد عمر کي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، هوڏانهن شاهه محمود قريشي کي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي، عدالت ۾ شاهه محمود قريشي جي شيرين مزاري سان به ملاقات ٿي

جوڊيشل ميجسٽريٽ احتشام عالم جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران ان ڪيمرا ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي جنهن بعد غيرلاڳاپيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو

شاهه محمود قريشي کي گذريل ڏينهن ايف آءِ اي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ عمران خان به شامل آهي

Leave A Comment