اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر فواد چوڌري سان رابطن جي تصديق ڪري ڇڏي، عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين اسد عمر کان سوال ڪيا
اسد عمر چيو ته جهانگير سان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي، صحافي پاران اسد عمر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان جهانگير ترين جي پارٽيءَ ۾ هوندا؟
اسد عمر جواب ڏيندي چيو ته منهنجو جهانگير ترين سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جهانگير ترين ڪو به رابطو نه ڪيو آهي، فواد چوڌري مون سان وقت بوقت رابطو ڪندو رهندو آهي