اسد عمر پاران پارٽي رڪنيت ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان
نومبر 11, 2023
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر پي پارٽي جي بنيادي رڪنيت تان استعيفا ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسد عمر چيو ته اڳ به چئي چڪو آهيان ته مان رياستي ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي سان متفق نه آهيان
هن چيو ته، اهڙي پاليسي رياستي ادارن سان شديد ٽڪراءَ جو سبب بڻي آهي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي
پي ٽي آءِ جي بنيادي رڪنيت تان استعيفا ڏئي رهيو آهيان، هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عوامي زندگي گهارڻ بعد مون سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي
هن چيو ته مان اين اي 54 جي ووٽرز ۽ ٽيم جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ٻه ڀيرا چونڊيو، مون تڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي