اسرائيلي آبادڪارن جي دهشتگردي، 5 فلسطيني زخمي

اسرائيلي آبادڪارن جي دهشتگردي، 5 فلسطيني زخمي

خان يونس (م ڊ) والاريل اولھندي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جا حملا جاري آھن جنھن ۾ پنج فلسطينين تي حملو ڪيو ويو. حملي ۾ اسرائيلي فوج بھ آبادڪارن سان گڏ موجود ھئي. بيت لحم جي اولهه ۾ نهالين جا 5 فلسطيني مزدورن تي اسرائيلي آبادڪارن حملو ڪيو ۽ ھو انھن کي ڌڪ ھڻي ڀڄي ويا. پنج ئي پورھيت زخمي ٿي پيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فورسز حسين ڳوٺ مان پنج فلسطيني مزدورن کي به حراست ۾ ورتو.