اسرائيلي بمباري سبب کنڊر بڻيل غزه ۾ امداد جي پهرين مختصر کيپ پهچي وئي

آڪٽوبر 21, 2023

تل ابيب(پنهنجي ڊيسڪ) اسرائيلي بمباري سبب کنڊر بڻجي ويل غزه ۾ امداد جي پهرين مختصر کيپ پهچي وئي، صحت واري عالمي اداري جو چوڻ آهي ته اها امداد سمنڊ ۾ قطري جي برابر آهي

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي بمباري سبب کنڊر بڻجي ويل غزه ۾ عالمي امداد جي پهرين مختصر کيپ پهچائي وئي

اسرائيل پاران مصر جي سرحد الرفاح ذريعي انتهائي ضروري دوائن تي ٻڌل رڳو 20 ٽرڪن کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي

ٻئي طرف صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته 20 ٽرڪن ۾ هنگامي نوعيت جي طبي امداد واريون دوائون ۽ ٻيو سامان غزه پهچايو ويو

عالمي اداري موجب اها امداد سمنڊ ۾ قطري جي برابر آهي، اهو سامان زخمين جون حياتيون بچائڻ لاءِ زندگي ۽ موت جيتريون اهم آهن

هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ روزانو امدادي سامان تي ٻڌل گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ٽرڪون اماڻڻ جي ضرورت آهي

غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 4 هزار 3 سئو کان وڌي ويو آهي، 14 هزار کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن

Leave A Comment