غزا (پنهنجي ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ 12 ورهين جو فلسطيني يوٽيوبر عوني الدوس به شهيد ٿي ويو
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب عوني الدوس جي شهادت جو اطلاع فلسطيني رضاڪارن سوشل ميڊيا تي ڏنو
12 ورهين جي عوني الدوس غزا تي تازي اسرائيلي جارحيت جي شروعات کان ڪجهه عرصو اڳ يوٽيوب تي پنهنجو چينل بڻايو جتي هو گيمنگ وڊيوز اپلوڊ ڪندو هو ۽ سندس خواهش هئي ته هو هڪ مشهور شخصيت بڻجي
عوني الدوس جي يوٽيوب چينل تي 31 هزار کان وڌيڪ سبسڪرائبرز آهن جنهن تي رڳو 11 وڊيوز شيئر ڪيون ويون آهن
يوٽيوبر عوني الدوس جو خواب هو ته سندس هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز ٿي وڃن پر هو غزا تي تازن ترين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو