اسرائيلي جنوني وزير ۽ غزا تي ائٽمي حملي جي ڌمڪي
نومبر 7, 2023
پوري انسان ذات پنهنجي وجود کان وٺي هيستائين گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي، فطرتي آفتن جي صورت ۾ ٻوڏون، زلزلا، برفاني طوفان، وڏا سيلاب وغيره ۽ وري ٻئي پاسي مختلف ملڪن، علائقن ۽ خطن تي قبضو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ سالن جا سال هڪ ڊگهيون جنگيون، جنهن ۾ لکين ڪروڙين انسانن جو قتل عام، وڏي ڳالهه ته 1914ع کان 1945ع تائين يعني انهن 30 سالن ۾ ٻه وڏيون عالمي جنگيون لڙيون، جنهن ۾ تقريبن دنيا جا سڀئي ملڪ شامل هئا ۽ 7 کان 10 ڪروڙ تائين عام ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ان سان گڏ ايترا ماڻهو شديد زخمي ۽ معذور ٿيا پر رت جي اها راند اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي. هڪڙي پاسي آمريڪا، روس، فرانس، برطانيا پنهنجي پنهنجي طاقت ۽ قوت جو مظاهرو ڪري انسان ذات جو قتل عام ڪندا ٿا اچن ته وري ٻئي پاسي پاڪستان، ڀارت، وچ اوڀر، افغانستان، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ جنگين ۾ لکين انسانن جو قتل عام ٿي چڪو آهي، پر هن وقت پوري دنيا ۾ رت جي سڀ کان وڏي راند غزا ۾ ٿي رهي آهي، جتي اسرائيل پنهنجي پوري عسڪري طاقت ۽ اتحادين سان گڏ معصوم فلسطينين جو قتل عام ڪري رهيو آهي. 7 آڪٽوبر کانپوءِ اسرائيل غزا تي جيڪي موتمار حملا ڪيا آهن، تن ۾ هزارين معصوم ماڻهو مري چڪا آهن، جو ڪيترا ماڻهو چون ٿا ته دنيا جا مسلمان 5 وقت نماز پڙهن ٿا، جڏهن ته غزا ۾ گذريل هڪ مهيني کان مسلمان 6 نمازون پڙهي رهيا آهن، يعني ڇهين جنازي نماز. اسرائيل جي حملي ڏهه هزار کان وڌيڪ مظلوم فلسطنيي شهيد ٿي ويا آهن، جنهن ۾ هڪ وڏو تعداد معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين جو آهي. اسرائيل ڏينهن توڙي رات ۾ جديد هٿيارن سان غزا تي حملا پيو ڪري ۽ گذريل رات اسرائيل غزا تي 2500 حملا ڪيا، جن ۾ هڪ ئي رات ۾ 300 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي ويا. اسرائيل جي اهڙي غيرانساني ۽ حيواني عمل سبب پوري دنيا جا امن پسند عوام روڊن تي آهن ۽ اهي اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
گذريل هڪ مهيني کان پوري دنيا مظلوم فلسطينين جو قتل عام ڏسي رهي آهي. هر روز انهن جي مٿان خطرناڪ کان خطرناڪ بم ڪرايا ٿا وڃن ۽ نيون نيون ڌمڪيون ڏنيون ٿيون وڃن. گذريل ڏينهن هڪ اهڙي ڌمڪي اسرائيل جي هڪ وزير اميچي ايلياهو غزا تي ائٽمي حملي جي پڻ ڏني آهي ۽ ان جنوني وزير جو چوڻ آهي ته فلسطيني سرزمين تي اسرائيل جي طرفان جيڪي جنگي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هُو ان مان مطمئن ناهي. ان مان اندازو لڳايو ته ان اسرائيلي وزير ۾ ڪيتري “انسانيت” آهي ۽ هُو ڪهڙي هٽلري ذهنيت جو مالڪ ٿيو؟ اسرائيل جي ان انسان دشمن وزير کي شايد خبر هجي ته هڪ ائٽمي هٿيار سان دنيا ۾ ڪيتري تباهي اچي سگهي ٿي ۽ ڪيترا لکين انسان هڪ ڌڪ ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويندا!؟ هن دنيا جي پرامن عوام کي ياد آهي ته 6 آگسٽ 1945ع تي جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ ۾ پهريون دفعو آمريڪا جاپان جي شهر هيروشما ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرايو هو ته ان ۾ لکين معصوم ماڻهو مارجي ويا هئا. ايندڙ ڪيترن سالن تائين اها زمين آبادي جي لائق نه رهي ۽ جن ٻارن جو اتي جنم ٿيو، تن ۾ اڪثريت جسماني طور معذور ٻارڙن جي هئي ۽ اتي مختلف خطرناڪ بيماريون پڻ ڦهلجي ويون. اها به حقيقت آهي ته 1945ع کانپوءِ ظاهري طور ڪنهن به ملڪ ٻئي ملڪ جي خلاف ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪيا آهن، پر ڪيترن ملڪن ايٽمي هٿيارن کي واڌائڻ کي پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي. 1970ع کان وٺي اڄ 2023ع تائين 191 ملڪن جوهري هٿيارن کي ختم ڪرڻ ۽ صفا گهٽائڻ لاءِ هڪ معاهدي اين پي ٽي (نيوڪليئر نان پرولائفريشن ٽريٽي) تحت ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏيون ۽ تاريخي ڪوششون ٿيون آهن. جيتوڻيڪ ان معاهدي تحت 5 ملڪن کي جوهري هٿيار رکڻ وارو ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ آمريڪا، روس، فرانس، چين ۽ برطانيه شامل آهن. انهن ملڪن کي صرف ان ڪري جوهري هٿيار رکڻ جي اجازت ڏني وئي ته انهن اهي سڀ هٿيار پهرين جنوري 1967ع جي معاهدي ٿيڻ کان اڳ انهن وٽ هئا. پر انهن کي چيو ويو ته اهي گذرندڙ وقت سان گڏ پنهنجا جوهري هٿيار يا پنهنجي جوهري طاقت ۾ گهٽتائي آڻيندا ۽ اهي هميشه پاڻ وٽ نٿا رکي سگهن، ڇو ته ان سان انسان ذات کي سخت خطرو لاحق آهي. اهو ڪيترو سخت خطرو آهي، تنهن جو هڪ اندازو اسان ان مان لڳائي سگهون ٿا ته 1986ع ۾ پوري دنيا ۾ جوهري هٿيارن جو تعداد 70 هزار هو ۽ آهستي آهستي ان ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي. “فيڊريشن آف آمريڪن سائنٽسٽس” جي هڪ رپورٽ مطابق 2022ع جي شروع ۾ دنيا جي 9 ملڪ وٽ تقريبن 12 هزار 700 جوهري ميزائيل آهن. ان رپورٽ مطابق روس وٽ 5977، آمريڪا وٽ 5428، چين وٽ 350، فرانس وٽ 290، برطانيه وٽ 225، پاڪستان وٽ 165، ڀارت وٽ 160، اسرائيل وٽ 90، اتر ڪوريا وٽ 20 ايٽمي ميزائل آهن. جيتوڻيڪ 1986ع کانپوءِ آمريڪا، برطانيه ۽ روس پنهنجي جوهري هٿيارن ۾ گهٽتائي آندي آهي پر ڪجهه ٻيا ملڪ پنهنجا ائٽمي هٿيار گهٽ ڪرڻ جي بدران وڌائي رهيا آهن. جولاءِ 2017ع ۾ هڪ موقعي تي ائين لڳو ته هاڻي دنيا جوهري هٿيارن کان مڪمل طور تي پاڪ ٿي ويندي، ڇو ته پهريون دفعو 100 کان وڌيڪ جوهري هٿيار رکندڙ ملڪن اقوام متحده جي ذريعي ان معاهدي جي توثيق ڪئي، جنهن ۾ جوهري هٿيارن تي مڪمل طور پابند لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، پر جوهري هٿيار رکندڙ ملڪ آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ روس ان معاهدي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ان طرح سان اهو تاريخي معاهدو نه ٿي سگهيو، نه ته هيستائين شايد دنيا ۾ جوهري هٿيارن جو وڏي حد تائين خاتمو اچي وڃي ها!
هن ڌرتي تي رهندڙ انسان ذات پاڻ کي درپيش ڪيترا خطرناڪ مسئلا حل ڪري چڪي آهي پر ساڳئي وقت هن کي خطرناڪ ۽ انتهائي سنگين مسئلا درپيش آهن، جنهن مان هڪ انتهائي ۽ سنگين خطرو جوهري هٿيارن جي ڦهلاءُ ۽ ان جي استعمال مان آهي، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ پوري دنيا ۾ ڦهليا پيا آهن ۽ ڪنهن به وقت چند جنگي جنون ۾ ورتل ملڪن جي ٻن منٽن جي حرڪت سان دنيا ۾ هڪ وڏي تباهي اچي آڻي سگهن ٿا، جنهن جو اسان تصور به نٿا ڪري سگهون. دنيا مان ايٽمي هٿيارن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سرگرم سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هڪڙي جوهري هٿيار جي حملي سان ڪجهه منٽن ۾ هڪ وڏي علائقي تائين نه صرف لکين انسان مارجي ويندا پر اتي ايندڙ ڇهن ستن مهينن تائين صرف دونهون ۽ مٽي پئي اڏامندي ۽ اتي سج به نظر نه ايندو ۽ ڏينهن رات جي خبر نه پوندي. تصور ڪريو ته اهو عمل صرف هڪڙي جوهري هٿيار سان ٿيندو ۽ هيڏانهن آمريڪا، روس، چين، فرانس، پاڪستان، ڀارت، اسرائيل ۽ برطانيه وٽ جيڪي هزارين جوهري هٿيار آهن، تنهن جي استعمال سان باقي هن ڌرتي ٿي ڇا وڃي بچندو، تنهن کي هر انسان آساني سان سمجهي سگهي ٿو!