اسرائيلي حملا، خيمن کي باهه، لبنان تي بمباري، 71 فلسطيني ۽ 12 لبناني شهيد
ڊسمبر 6, 2024
غزه / تل ابيب / بيروت (م ڊ) اسرائيلي فوج جي بمباري سان فلسطينين جي خيمن کي باهه لڳي وئي، 21 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته صيهوني فوج جي مختلف هنڌن تي بمباري 50 ماڻهو شهيد ٿي ويا، غيرملڪي خابرو اداري موجب غزه جي المواصي پناهگير ڪيمپ ۾ فائرنگ سان بي گهر فلسطينين جي خيمن کي باهه وڪوڙي وئي، ننڊ ستل جنگ متاثرن مٿان قيامت ڪڙڪي پئي، اسرائيلي بچاءَ واري وزير ڪاٽز چيو آهي ته حماس مٿان وڌندڙ دباءَ سبب غزه ۾ جنگبندي جا امڪان آهن اميد آهي حماس سان ايندڙ ڳالهين ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويندو. ٻئي لبنان ۾ جنگبندي باوجود اسرائيلي فوج جا ڏکڻ لبنان ۾ هوائي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو شهيد ٿيا، اسرائيل لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي لانچنگ پيڊ کي نشانو بڻائڻ جي دعوي ڪئي آهي.