| اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 50 لبناني شهيد |
بيروت (م ڊ) اسرائيل جي حملن ۾ لبنان ۾ وڌيڪ 50 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن لبنان جي پبلڪ هيلٿ وزارت جي مطابق 2 مارچ تي اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين گهٽ ۾ گهٽ 4,106 شهري مارجي ويا آهن ۽ 12,153 زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ 383 عورتون، 251 ٻار ۽ 135 طبي ڪارڪن شامل آهن.