| اسرائيلي فوجي حضرت عيسيٰ جو مجسمو ٽوڙي ڇڏيو نيتن ياهو جي معافي |
بيروت/تل ابيب(م ڊ) لبنان ۾ ڪارروائي دوران اسرائيلي فوجي حضرت عيسيٰ جي مجسمي جي بيحرمتي ڪئي جنهن تي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هڪ تصوير آن لائن وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ اسرائيلي سپاهي عيسيٰ مسيح جي مجسمي کي هٿوڙي سان ٽوڙيندي ڏيکاريو ويو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته آئون ۽ اسرائيلي اڪثريت واقعي جي خبر ٻڌي ڏکارا آهيون فوجي اختياريون معاملي جي جاچ ڪري رهيون آهن ۽ ذميوار سپاهي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسرائيل وچ اوڀر ۾ واحد جڳهه آهي جتي سڀني مذهبن لاءِ عبادت جي آزادي آهي. اسان هن واقعي تي افسوس ڪريون ٿا ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪنهن به تڪليف لاءِ معافي گهرون ٿا. ان کان اڳ، اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائيڪ هاڪابي واقعي تي فوري، مضبوط ۽ اعلانيه ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو.