اسرائيلي فوج جو فلسطيني پناهه گاهه تي حملو، 3 نوجوان شهيد، 20 زخمي

جُون 19, 2023

غزه (م ڊ)  اسرائيلي فوج فلسطيني پناهه گاهه تي حملو ڪري 3 نوجوان شهيد، 20 زخمي ڪري ڇڏيا

 عالمي ميڊيا موجب اولهه ڪناري جي علائقي جنين ۾موجود پناهگيرن جي ڪيمپ تي سرچ آپريشن جي نالي تي حملو ڪيو ويو

اسرائيلي فوج جي ترجمان جي دعويٰ آهي ته جنين جي پناهگيرن جي ڪيپمن ۾ ٻه انتهائي گھربل دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي

ڇاپي لاءِ ٽيم پهتي ته اتي موجود القدس برگيڊ جي ڪارڪنن اڳواڻن کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني

 جنهن تي اسرائيلي فوج کي جوابي فائرنگ ڪرڻي پئي. شهيد نوجوانن ۾ 21 ورهين جو خالد درويش، 19 ورهين جو قاسم ساريه، 15 ورهين جو احمد صقر شامل آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار