| اسرائيلي فوج فلسطين خالي، غيرقانوني قبضو ختم ڪري، غزه ۾ ڪا تبديلي قبول ناهي: جنرل اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور |
نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي قرارداد منظور ڪري والاريل فلسطيني علائقن مان اسرائيل فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. قرارداد فلسطين جي سوال جي پرامن حل جي عنوان سان پيش ڪئي وئي، جنهن جي حق ۾ 151 ملڪن ووٽ ڏنو. 11 مخالفت ڪئي ۽ 11 ووٽ ڏيڻ کان پاسو ڪيو. قرارداد ۾ وچ اوڀر امن عمل جي سمورن اهم معاملن تي ڀروسي جوڳيون ڳالهيون فوري طور تي شروع ڪرڻ ۽ ماسڪو ۾ هڪ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. جنرل اسيمبلي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي قانون جي مڪمل پاسداري ڪري فلسطيني علائقن تان غيرقانوني قبضو ختم ڪري، نئين آبادڪاري روڪي ۽ والاريل فلسطيني علائقن مان سمورن يهودي آبادڪارن کي نيڪالي ڏني وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته غزه ۾ ڪنهن به قسم جي آبادياتي يا جاگرافيائي تبديلي کي رد ڪيو وڃي ٿو، غزه ۽ اولهندي ڪناري کي فلسطيني اٿارٽي جي تحت متحد ڪرڻ گهرجي. وڌيڪ چيو ويو ته اسرائيل کي 1967ع کان قبضي ۾ ورتل سمورن فلسطيني علائقن مان نڪرڻو پوندو ته جيئن فلسطيني عوام پنهنجي بنيادي حق، حق خود اراديت جو استعمال ڪري سگهي. پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ مستقل سفير اسامه افتخار احمد بحث جي دوران چيو ته دنيا کي پنهنجن واعدن کي عمل ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جدوجهد آزادي، خودمختاري، امن ۽ انصاف جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن زور ڏنو ته غزه ۾ سيز فائر مڪمل لاڳو، اسرائيلي فوج جو انخلا، انساني امداد جي بنا رنڊڪ جي فراهمي ۽ غزه جي فوري تعمير تمام گهڻو ضروري آهن. پاڪستاني سفير چيو ته والاريل علائقن جي ڪابه جبري تبديلي، ورهاست، الحاق يا جبري بيدخلي عمل ڪرڻ جوڳي نه آهي. هن انهي ڳالهه تي به زور ڏنو ته صرف هڪ سياسي رستو ئي پائيدار امن آڻي سگهي ٿو. يعني 1967ع جي سرحدن تي هڪ خودمختار، مڪمل، آزاد ۽ فلسطيني رياست جو قيام جنهن جي راڄڌاني القدس الشريف هجي. ان کانسواءِ شامي علائقي گولان بابت به ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن جي حق ۾ 123 ۽ مخالفت ۾ 7 ووٽ پيا، ان ٺهراءَ ۾ 41 ملڪن حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته 1981ع ۾ گولان تي اسرائيلي قانون ۽ انتظاميا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو غيراثرائتو آهي. اهو ٺهراءُ مصر طرفان پيش ڪيو ويو هو.