| اسرائيلي فوج واپس وڃي حزب الله جا هٿيار کسينداسين: لبنان |
بيروت (م ڊ) اسرائيلي فوج هڪ ڊرون اسرائيلي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته لبنان جي حڪومت حزب الله کان هٿيار کسڻ لاءِ پنهجي فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي ان لاءِ اسرائيلي فوج جي واپسي جو شرط رکيو آهي. آءِ ڊي ايف بيان ۾ چيو ته ڏکڻ لبنان ۾ مقرر اسرائيلي فوجن جي ويجهو هڪ مشڪوڪ فضائي هدف جي سڃاڻپ پڻ ڪئي وئي. لبناني ڳوٺ دير عمار جي رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف لبنان جي اطلاعات واري وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت حزب الله گروپ کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ فوجون مقرر ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي، پر ان لاءِ ملڪ مان اسرائيلي فوجن جي واپسي ضروري آهي.