اسرائيلي فوج ٽن ڏينهن جي لاڳيتي بمباري کانپوءِ ڏکڻ غزه ۾ زميني ڪارروائي شروع ڪري ڏني

ڊسمبر 4, 2023

اسرائيلي فوج ٽن ڏينهن جي لاڳيتي بمباري کانپوءِ ڏکڻ غزه ۾ زميني ڪارروائي شروع ڪري ڏني، عرب ميڊيا جي رپورٽس موجب اسرائيلي فوجن خان يونس جي اتر ۾ زميني ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن، اسرائيلي ڊفينس فورس جي اختيارين غزه جي اتر ۾ ڇتي ويڙهه کانپوءِ غزه جي ڏکڻ ۾ به زميني ڪارروائيون شروع ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، خان يونس ۽ ٻين علائقن تي بمباري ۽ زميني ڪارروائين دوران شهيد فلسطينين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو، گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جنگبندي کانپوءِ اسرائيلي بمباري کي بي لغام ۽ تباهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو، يونيسيف جي عهديدار جيمز ايلڊر جو چوڻ آهي ته اسرائيل جا وڏي سائيز جا بم لاڳيتو غزه جي ڏکڻ ۾ ڪري رهيا آهن، فلسطينين لاءِ هاڻي اسپتالون به محفوظ نه آهن، قطر جي پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان جنگبندي جي اپيل ڪري ڇڏي، اسرائيل پاران فلسطيني ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت………

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت