اسرائيلي وزيراعظم لبنان کي به غزه وانگر تباهه ڪرڻ چاهي ٿو: اسپين

اسرائيلي وزيراعظم لبنان کي به غزه وانگر تباهه ڪرڻ چاهي ٿو: اسپين

ميڊرڊ (م ڊ) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھُو لبنان ۾ به اها ئي تباهي پکيڙڻ چاهي ٿو جيڪا غزه ۾ ڏٺي وئي. اسپين جي پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي پيڊرو سانچيز چيو ته نئين ايراني سپريم قيادت پنهنجي اڳواڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت موقف رکي ٿي، جڏهن ته مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي پيءُ وانگر آمراڻي سوچ رکي ٿو ۽ هو پنهنجي والد کان به وڌيڪ سخت گير حڪمران آهي.