اسرائيل ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو
جُون 12, 2025
واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ )آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي ميڊيا هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو ۽ اسرائيل آمريڪا کي ايران تي حملي کان اڳ ۾ ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
رپورٽ موجب اسرائيلي عملدارن آمريڪا کي ٻڌايو ته اسرائيل ايران ۾ آپريشن لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران عراق ۾ آمريڪي هنڌن تي حملو ڪري سگهي ٿو، جنهن جي ڪري آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي ڪجهه شهرين کي فوري طور تي اتان نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آمريڪي دفاع واري کاتي، پينٽاگون، فوجي خاندانن کي رضاڪارانه طور تي وچ اوڀر ڇڏڻ جو اختيار ڏنو آهي.
ٻئي طرف ايران-اسرائيل تڪرار جي ڪري، آمريڪي وزير دفاع ڪالهه وچ اوڀر مان پنهنجي غير سفارتي عملي جي رضاڪارانه طور تي واپسي جي منظوري ڏني.
آمريڪي عهديدار چيو ته سپاهين ۽ انهن جي خاندانن جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي ترجيح آهي.