اسرائيل تاريخ جي اهم موڙ تي: نيتن ياهو

جُون 13, 2025

تل ابيب (پنهنجي ڊيسڪ )  لاسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسين اسرائيل جي تاريخ جي هڪ فيصلي واري موڙ تي آهيون. اسان جي جنگ ايراني عوام سان نه پر ايراني آمريت سان آهي.

ايران تي اسرائيل جي هوائي حملي کان پوءِ پنهنجي بيان ۾، نيتن ياهو چيو ته اسان ايران جي ايٽمي نظام کي نشانو بڻايو آهي.

نيوز ايجنسي موجب ايران جي نطنز ايٽمي ٺڪاڻي جي ويجهو ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.

اسرائيل نطنز ۾ ايران جي مکيه ايٽمي ٺڪاڻي جي سهولت کي نشانو بڻايو آهي.

ٻئي طرف، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي عوام کي حفاظتي قدمن بابت فوجي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، چيو آهي ته اسرائيلي شهرين کي ڊگهي عرصي تائين محفوظ هنڌن تي رهڻو پئجي سگهي ٿو.

نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته ايران تي حملي ۾ اعليٰ ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب