| اسرائيل جا ايران ۽ لبنان بعد غزه تي به حملا، بمباري، هڪ ڄڻو شهيد، ڪيئي زخمي |
غزھ (م ڊ) اسرائيل ايران ۽ لبنان سان گڏ غزھ تي بھ حملا شروع ڪيا آھن اوڀر، ڏکڻ ۽ اولھھ غزھ ھر طرف حملا ڪيا ويا جنھن جا آواز سموري وادي ۾ گونجندا رھيا. رھواسين الجزيرھ کي ٻڌايو تھ اسان سڀني طرفن کان ڳري توپخاني جا آواز ٻڌي سگهون ٿا. اسين اولھھ غزه ۾ آهيون پر توهان آساني سان اهي آواز ٻڌي سگهو ٿا ۽ گڏوگڏ اوڀر واري حصي کان ايندڙ بکتر بند گاڏين ۽ ٽينڪن جا آواز به ٻڌي سگهون ٿا. هڪ ڊرون حملي ۾ خان يونس جي اولهه واري حصي ۾ خيمن کي نشانو بڻايو. شروعاتي رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ھڪ ڄڻو شھيد ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا جن کي ناصر ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو آھي. جنگ بندي شروع ٿيڻ کان وٺي فلسطيني لاش ئي کڻي رهيا آهن. 658 فلسطيني مارجي ويا ۽ تقريبن 1,700 زخمي ٿيا.