| اسرائيل جا فلسطين ۾ به حملا، 6 ڄڻا شهيد |
غزه(م ڊ) اسرائيل فلسطين ۾ حملا ڪري 6 ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا. غزه جي مرڪزي علائقي ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 2 فلسطيني شھيد ٿي ويا. طبي ذريعن موجب حملي ۾ نصيرات پناهگير ڪئمپ کي نشانو بڻايو ويو. جيڪا آڪٽوبر ۾ ٿيل جنگبندي جي تازي خلاف ورزي آهي. وفا نيوز ايجنسي موجب غزه جي مرڪزي پٽي جي الزوايده علائقي ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ 4 ماڻهو شھيد ٿي ويا.