اسرائيل جا لبنان تي حملا؛ 2 ٻارن ۽ نرسن سميت 11 ڄڻا شهيد

اسرائيل جا لبنان تي حملا؛ 2 ٻارن ۽ نرسن سميت 11 ڄڻا شهيد

بيروت(م ڊ) آمريڪي ثالثي ۾ 26 جون تي ٿيندڙ جنگ بندي معاهدي جي باوجود اسرائيلي فوج رات دير سان لبنان جي ڏکڻين علائقن تي فضائي حملا جاري رکيا. لبنان جي سرڪاري خبر رساں ايجنسي موجب ڏکڻي علائقي ڪفر رمان ۾ اسرائيلي جنگي ٻيڙي اڌ رات کانپوءِ هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بنايو. ان حملي ۾ 9 جڻا شهيد ٿي ويا جنهن ۾ ٻه معصوم ٻار به شامل آهن جڏهن ته 5 جڻا زخمي آهن جن مان هڪ جي حالت نازڪ ۽ ٻئي جي تشويشناڪ آهي جڏهن ته ٻين 3 جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. انهيءَ علائقي ۾ هڪ ٻئي حملي ۾ هڪ ٻي گاڏي کي به ڊرون سان نشانو بنايو ويو جنهن ۾ 2 جڻا شهيد ٿي ويا. هي گاڏي حزب الله جي اتحادي امل موومينٽ جي طبي امدادي گروپ رساله اسڪائوٽس جي هئي. ان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻئي جڻا رساله اسڪائوٽس جي طبي عملي جا ميمبر هئا ۽ ڪنهن ريسڪيو آپريشن لاءِ وڃي رهيا هئا. ٻئي طرف اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ هٿيار منتقل ڪندي حزب الله جي متعدد ميمبرن کي ڏٺو جنهن کي ڪارروائي ۾ نشانو بنايو ويو. ترجمان اسرائيلي فوج اهوبه چيو ته عمارت تي حملي ۾ شهرين جي هلاڪتن بابت رپورٽن جو جائزو ورتو ويندو.