اسرائيل جا وڌيڪ حملا، 20 لبناني شهيد، اڱاري تي ڳالهيون، آمريڪا جو هرمز صاف ڪرڻ جو اعلان

  اسرائيل جا وڌيڪ حملا، 20 لبناني شهيد، اڱاري تي ڳالهيون، آمريڪا جو هرمز صاف ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن/بيروت/غزه (م ڊ) جنگبندي جي ڳالهين باوجود اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکيا آهن جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ شهري شهيد ڪيا ويا آهن، فلسطين ۾ به هڪ شهري کي شهيد ڪيو ويو آهي، آمريڪي ٽياڪڙي ۾ لبنان ۽ اسرائيل ۾ اڱاري تي ڳالهيون ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. لبنان جي وزيراعظم آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب لبنان سان ڳالهين جي گوڙ ۾ اسرائيلي حملن ۾ اڄ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو شهيد ٿي ويا. نباطيا ۾ ٻه ماڻهو شهيد ڪيا ويا جيڪي طبي عملي جا ڪارڪن هئا جڏهن ته ڪل 10 ڄڻا شهيد ڪيا ويا. لبنان جي نيشنل نيوز ايجنسي  ملڪ جي ڏکڻ ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. موتمار حملو طيفته ۾ ٿيو، جتي ڊرون به اڏامندا رهيا. ٻئي حملي ۾ طبي عملي جا وڌيڪ 5 ڪارڪن شهيد ٿي ويا. صدقين، تبنين ۽ ديبين شهرن ۾ پڻ حملا ڪيا ويا. ڪفار سر شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ماڻهو شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف لبنان جي وزيراعظم نواف سلام جو چوڻ آهي ته هن لبنان جي “موجوده اندروني صورتحال جي روشني ۾” گڏيل قومن ۽ آمريڪا جو سفر ملتوي ڪيو آهي. لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 2 مارچ کان وٺي ملڪ ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2,020 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 6,436 زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته وفا نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب رام الله جي اوڀر ۾ دير جرير ڳوٺ تي حملي دوران اسرائيلي آبادڪارن هڪ فلسطيني کي قتل ڪري ڇڏيو 23 سالن جي علي ماجد حمدنا کي پٺيءَ ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو. لبنان ۽ اسرائيل وچي ۾ ڳالهين کان اڳ پهريون رابطو ٿيو آهي. لبناني ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي شروعاتي ڳالهيون واشنگٽن ۾ مقرر سفيرن جي ذريعي ٿيون، جيڪي تازي ڇڪتاڻ کان پوءِ هڪ اهم سفارتي اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي. خبرون  ڏيندڙ ايجنسي موجب لبنان ۽ اسرائيل اڱاري تي پهرين گڏجاڻي ڪرڻ تي راضي ٿي ويا، آمريڪي پرڏيهي وزارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ جنگبندي ۽ ڳالهين جي تاريخ طئي ٿيڻ کان پوءِ ڳالهيون ٿينديون. هوڏانهن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ لبنان اسرائيل کي حزب الله تي حملن ۾ وقفو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ٻئي طرف لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله هڪ بيان ۾ چيو ته دشمن ڳالهين جي لاءِ ايران  جون شرطون رسوائي حاصل ٿيڻ کان پوءِ قبول ڪري ورتيون. انهي حوالي سان آمريڪا ۾ اسرائيلي سفير هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيل اڱاري تي لبنان ۽ آمريڪا جي سفيرن سان گڏجاڻي تي راضي آهي پر اسرائيل حزب الله سان جنگبندي تي ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
 

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا هرمز کاڙي مان بارودي سرنگهون پاڻ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سڄي دنيا مان خالي آئل ٽينڪر وڏي انگ ۾ آمريڪا جو رخ ڪري رهيا آهن ته جيئن هتان عالمي معيار جو تيل ۽ گيس حاصل ڪري سگهن. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ وڏا بحري جهاز هن وقت آمريڪي بندرگاهن ڏانهن وڌي رهيا آهن آمريڪا وٽ موجود تيل جا ذخيرا ڪاٿي ۽ معيار جي لحاظ سان دنيا جي ايندڙ ٻن وڏين معيشتن جي مجموعي ذخيرن کان به وڌيڪ آهن، آمريڪي توانائي نه رڳو وڏي مقدار ۾ موجود آهي پر معيار جي لحاظ سان به دنيا ۾ سڀ کان مٿي آهي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڳالهين جي ناڪامي جي صورت ۾ اسان وٽ ڪوبه متبادل منصوبو(پلان بي) موجود نه آهي. ڪنهن به ٻئي پلان جي ضرورت نه آهي، ايران جي فوج شڪست کائي چڪي آهي، انهن وٽ گهٽ تعداد ۾ ميزائل رهجي ويا آهن، انهن جي پيداواري صلاحيت به محدود آهي اسان ايران کي سخت قسم جو نقصان پهچايو آهي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته آمريڪا پهريان کان وڌيڪ شدت سان فوجي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيندو. انهي کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي مختصر بيان ۾ لکيو ته دنيا جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور سيٽ انهي حوالي سان آمريڪي ميڊيا چيو ته صدر ٽرمپ جا اهي جملا ايران سان ڳالهين جي حوالي سان آهن. جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جو چوڻ آهي ته هرمز ۾ بارودي سرنگون صاف ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. يو ايس ايس فرينڪ اي پيٽرسن ۽ يو ايس ايس مائيڪل مرفي هرمز مان گذرڻ جو مقصد “وسيع مشن جي حصي طور” اهو يقيني بڻائڻ آهي ته آبنائي مڪمل طور تي سامونڊي بارودي سرنگن کان صاف آهي.