| اسرائيل جنگبندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون بند ڪري: حماس |
استنبول(م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه ترڪي جي انٽيليجنس چيف ابراهيم ڪلين سان هڪ اهم ملاقات ڪئي. الجزيره موجب حماس چيو ته هڪ وفد جنهن جي اڳواڻي سينئر مذاڪرات ڪندڙ خليل الحيا ڪري رهيو هو، استنبول ۾ ترڪي جي انٽيليجنس چيف ابراهيم ڪلين سان ملاقات ڪئي. حماس چيو ته ملاقات اسرائيل پاران غزه جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙين تي ڌيان ڏيارڻ لاءِ ڪئي وئي، جنهن ۾گولا باري، فائرنگ ۽ اسرائيلي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ امداد تي پابندي شامل آهي. مزاحمتي تنظيم جي وفد غزه ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جهڙوڪ سيوريج سسٽم، روڊ نيٽ ورڪ ۽ بجلي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته خليل الحيا جنگ بندي معاهدي تائين پهچڻ ۾ ترڪي جي ڪردار لاءِ ترڪي جو شڪريو ادا ڪيو.