اسرائيل جو آئرن ڊوم ناڪام، ميزائل ڪرندا رهيا، شهرن ۾ تباهي

اسرائيل جو آئرن ڊوم ناڪام، ميزائل ڪرندا رهيا، شهرن ۾ تباهي

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته اتر اسرائيل جي علائقن تي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي حملن کانپوءِ اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون آهن. اسرائيلي اختيارين موجب، روزانو 100 کان وڌيڪ زخمي اسپتالن ۾ آندا پيا وڃن ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي. اختيارين موجب، حملي کان اڳ سائرن جي آوازن تي ڀاڄ سبب ماڻهو زخمي به ٿين ٿا. اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل، خاص طور وچ اسرائيل ۾، هاڻي پرسڪون راتيون ماضي جو قصو بڻجي ويون آهن، جتي رات جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا سائرن وڄن ٿا. ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۾ ايراني ميزائلن جي شديد حملن ۾ ڪيئي علائقا نشانو بڻايا ويا ۽ اسرائيلي ايئر ڊفينس سسٽم آئرن ڊوم ڪيترائي ميزائل روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ترڪ ميڊيا موجب، تل ابيب ۾ زوردار ڌماڪن کانپوءِ شهر جي ڪيترن علائقن ۾ باهه لڳي وئي، سوين ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته ڪيئي شهرين جي مارجڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته حملن جي نقصانن جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، اسرائيلي اختيارين سخت سينسر پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ متاثر هنڌن جي ويجهو ميڊيا کي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.