اسرائيل جو حملو،47 فلسطيني شهيد
جُون 17, 2025
غزه (پنهنجي اخبار ) کاڌخوراڪ جي انتظار ۾ويٺلن فلسطينين تي اسرائيل جو حملو، وڌيڪ 47 متاثر شهيد ٿي ويا آهن، غزه ۾ کاڌي جي ڳولا ۾ نڪرندڙ فلسطينين تي اسرائيلي حملا جاري آهن.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج اڄ ٻيهر غزه ۾ کاڌي جي ڳولا ۾ نڪرندڙ فلسطينين تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
رپورٽ موجب اسرائيلي فوج خان يونس ۾ شهرين تي حملو ڪيو، جتي کاڌي جي ورڇ واري مرڪزن تي ماڻهوگڏ ٿيل هئا.
عرب ميڊيا موجب اسرائيل پاران غزه ڏانهن ايندڙ امداد کي روڪڻ کانپوءِ خوراڪ جي سخت کوٽ آهي ۽ هزارين شهري روزانو خوراڪ جي ورڇ مرڪزن جي ٻاهران گڏ ٿين ٿا.