| اسرائيل جو صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ ڏڦيڙ آهي، قبول نه ٿو ڪري سگهجي: پاڪستان |
اسلام آباد/جده(م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته صومالي لينڊ صوماليا جو غير تڪراري ۽ اڻٽٽ علائقو آهي، ڪو ٻاهريون ادارو يا رياست ان حقيقت کي تبديل ڪرڻ جو قانوني يا اخلاقي حق نٿي رکي. جده ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قدم صوماليا جي عالمي طور تسليم ٿيل سرحدن تي سڌي ريت حملو آهي، پاڪستان صوماليا جي خود مختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيلي پرڏيهي وزير جو صومالي لينڊ جو دورو انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي، پاڪستان اسرائيل جي غيرقانوني ۽ غيرحقيقي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪري ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۾ به اسرائيل جي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته اسرائيلي قدم هارن آف آفريڪا ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، پاڪستان او آءِ سي ملڪن سان گڏجي اسرائيل جي قدمن کي گڏيل بيان ۾ رد ڪيو، صوماليا جي ترقي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل جي ڪارروائي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي ڀڃڪڙي آهي اسرائيلي قدم خطي ۾ سنگين اثر پيدا ڪري سگهي ٿو. غزه جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششون ضروري آهن پاڪستان او آءِ سي ۽ عرب ملڪن سان گڏ فلسطين جي حق خود اراديت جي لاءِ دعا ڪندو ڪنهن به قسم جي جبري بيدخلي، عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي حق خود اراديت سان گڏ بيٺل آهي اسحاق ڊار اهو به چيو ته پاڪستان ۽ او آءِ سي سي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ وڌيڪ قدمن جو مطالبو ڪري ٿو. هن 1967 کان اڳ جي سرحدن اندر هڪ آزاد، خودمختيار ۽ ملحق فلسطيني رياست جي قيام لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو اظهار ڪيو جنهن جو گاديءَ جو هنڌ القدس شريف هجي. ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهائيندي، اسحاق ڊار او آءِ سي جي مسلسل ۽ اصولي حمايت کي ساراهيو ۽ ڪشميري عوام جي خود اراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.