| اسرائيل جو لبنان ۾ وري حملو، 2 شهري شهيد |
بيروت (م ڊ) لبنان جي نيشنل نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب ڏکڻ نبطيه علائقي ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ماڻهو مارجي ويا آهن. حملي ۾ ڪفر ريمان جي ويجهو طلعت الدبشا روڊ تي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف اسرائيل ۽ لبنان هڪ پائلٽ منصوبي تي غور ڪري رهيا آهن جنهن تحت اسرائيلي فوجون ڏکڻ لبنان جي ڪجهه علائقن جو ڪنٽرول لبناني فوج جي حوالي ڪنديون. هن منصوبي کي آمريڪا جي حمايت پڻ حاصل آهي. منصوبي ۾ شامل لبناني فوجون آمريڪي تربيت ۽ سيڪيورٽي چيڪن مان گذري رهيون آهن ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته انهن جو حزب الله سان ڪو به تعلق نه آهي.