اسرائيل جو لبنان ۾ ڊرون حملو، سينيئر حماس اڳواڻ ۽ طوفان اقصيٰ جو مک ڪردار صالح العاروري شهيد، غزه ۾ 200 فلسطيني قتل

جنوري 3, 2024

بيروت/ غزه (م ڊ) اسرائيل جو لبنان ۾ ڊرون حملو، حماس جو سينيئر اڳواڻ صالح العاروري شهيد ٿي ويو، لبناني ميڊيا جي رپورٽس موجب اسرائيلي فوج لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي آفيس تي ڊرون حملو ڪيو جنهن ۾ حماس جو سينيئر اڳواڻ شهيد ٿيو، اسرائيلي ڊرون حملو ڏکڻ بيروت ۾ حماس جي آفيس تي ڪيو ويو،  جنهن سبب عمارت کي نقصان رسيو ۽ ڪيترن ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي،  لبناني ميڊيا جو چوڻ  آهي ته حملي ۾ حماس جو سينيئر اڳواڻ ۽ پوليٽيڪل آفيس جي نائب صالح العاروري ٻن ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. جنهن علائقي ۾ حملو ٿيو  آهي اهو حزب الله جي اثر هيٺ آهي ۽ اتي حماس سميت فلسطيني گروپ به سرگرم آهن.  اسرائيلي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته حماس اڳواڻ حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله سان ملاقات ڪرڻ وارو هو.  عرب ميڊيا موجب صالح العاروري جو طوفان اقصيٰ ڪاررواائي واري منصوبي ۾ اهم ڪردار هو، صالح العاروري اسرائيل جي هٽ لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو.  هوڏانهن قطري نشرياتي اداري موجب حماس صالح العاروري جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، شهيد حماس اڳواڻ کي آمريڪي حڪومت 2015 ۾  عالمي دهشتگرد قرار ڏئي چڪي هئي ان جي باري ۾ معلومات ڏيڻ تي 50 لک ڊالرن جو انعام رکيل هو.  ٻئي طرف اسرائيلي فوج غزه ۾ به حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، رهائشي علائقن، پناهگير ڪيمپن، اسپتالن تي شديد بمباري ڪري ڏني، 24 ڪلاڪن دوران 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.  هوڏانهن فلسطيني مزاحمتي گروپن 4 ڏينهن ۾ 70 کان وڌيڪ اسرائيلي ٽينڪ ۽ فوجي گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون ۽ ڪيترائي مورچابند اسرائيلي فوجي پڻ ماري ڇڏيا

Leave A Comment