| اسرائيل جو 5 سالن جي فلسطيني نينگري جي قتل جي جاچ جو اعلان |
تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته جنوري 2024 ۾ غزه ۾ 5 سالن جي فلسطيني ڇوڪري هند رجب ۽ مارچ 2025 ۾ 15 امدادي ڪارڪنن جي هاءِ پروفائل قتل تي فوج اندر جاچ ڪئي ويندي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته جاچ جا فيصلا ان جي حقيقتن جي ڳولا ۽ تشخيص جي طريقيڪار جي شروعاتي جاچ کان پوءِ ڪيا ويا. هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي مطابق اسرائيلي فوج فلسطينين جي قتل سان لاڳاپيل پنج مختلف واقعن بابت فيصلا جاري ڪيا آهن جن ۾ اپريل 2024 ۾ خيراتي اداري ورلڊ سينٽرل ڪچن جي ست امدادي ڪارڪنن جو قتل شامل آهي. اسرائيلي فوج چيو آهي ته واقعن ۾ ڏوهاري بدانتظامي جو ڪو به معقول شڪ نه مليو آهي. اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته فلسطينين جي قتل لاءِ اسرائيلي سپاهين جي خلاف ڏوهاري جاچ جي نتيجي ۾ سزا ملڻ جو امڪان ناهي.