اسرائيل جي بمباري، انساني لاش هوا ۾ اڏامي ويا
اپريل 7, 2025
غزه(م ڊ) غزه تي اسرائيل وحشت جو سلسلو جاري آهي. معصوم ٻارڙن سميت وڌيڪ 39 ڄڻا شهيد ٿي ويا. اسرائيل ايتري شديد بمباري ڪئي جو بم ڌماڪن بعد انساني جسم جا ٽڪرا آسمان ۾ اڏامي ويا ۽ پري وڃي ڪريا. غزه ۽ ٻين علائقن ۾ 39 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا. خان يونس ۾ 19 ۽ غزه سٽي جي زيتون محلي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿيا. وچ غزه جي دير البلح ۾ گهر تي اسرائيلي بمباري ۾ 8 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. غزه طوفه ۽ ٻين علائقن ۾ 10 ڄڻا شهيد ٿيا. اسرائيلي فوج رهائشي عمارتن، پناهگير ڪيمپن کي نشانو بڻايو. جڏهن ته اسپتالن تي به حملا ڪيا ويا.