اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري، شهيد فلسطينين جو انگ هزار 55 ٿي ويو

آڪٽوبر 11, 2023

تل ابيب(پنهنجي ڊيسڪ) اسرائيل جي غزه تي شديد بمباري جاري، شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ هڪ هزار 55 ٿي ويو، ٻارن ۽ عورتن سميت 5 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلسطيني شهر خان يونس تي اسرائيل جي فضائي حملي ۾ 16 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

اسرائيلي فوج حماس سان ويڙهه دوران 12 سئو ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اسرائيلي فوج موجب چڪرين دوران 2 هزار 8 سئو ماڻهو زخمي به ٿيا

Leave A Comment