اسرائيل رجيم چينج جي ڏٽي تي آمريڪا کان خامنه اي شهيد ڪرايو: ليون پينيٽا

اسرائيل رجيم چينج جي ڏٽي تي آمريڪا کان خامنه اي شهيد ڪرايو: ليون پينيٽا

واشنگٽن (م ڊ) سي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه ليون پينيٽا چيو آهي ته اسرائيل ٽرمپ کي آيت الله خامنه اي کي شهيد ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو ۽ کيس خاطري ڪرائي ته ان سان رجيم چينج ٿي ويندي. اسرائيل ۽ آمريڪا ٻنهي ان معاملي ۾ غلط اندازو لڳايو. ٻئي طرف سي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه جان برينن چيو آهي ته هو ٽرمپ کان وڌيڪ ايران جي ڳالهين تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته حقيقتون سامهون اچڻ باوجود ٽرمپ قبولڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پنهنجي تخليق ڪيل شڪست مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جان برينن چيو ته ٽرمپ جو اهو موقف به درست ناهي ته ايران ڳالهين لاءِ سگنل ڏئي رهيو آهي يا آمريڪي شرطن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايراني حڪومت طرفان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.