اسرائيل سان جنگ، ايران ۾ شهيدن جو انگ 900 کان وڌي ويو

جُون 30, 2025

تهران (پنهنجي ڊيسڪ) ايران-اسرائيل جنگ دوران اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ ايراني شهرين جو انگ 900 کان وڌي ويو آهي.

هڪ پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي سرڪاري ميڊيا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته 12 ڏينهن جي ايران- اسرائيل جنگ دوران ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 935 ماڻهو شهيد ٿيا.

ايراني وزارت انصاف جي ترجمان موجب شهيدن ۾ 132 عورتون ۽ 38 ٻار شامل آهن.

ياد رهي ته اسرائيل 13 جون تي ايران تي پنهنجا حملا شروع ڪيا ۽ شروعاتي حملن ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ايٽمي سائنسدانن کي نشانو بڻايو.

ايران اسرائيلي حملي جو جواب اسرائيلي سرزمين تي سخت ميزائل حملا ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل ۾ 28 ماڻهو مارجي ويا.

اسرائيل-ايران جنگ دوران، آمريڪا پڻ فردو، اصفهان ۽ نطنز ۾ ايران جي ايٽمي سهولتن تي هوائي حملا ڪيا ۽ دعويٰ ڪئي ته انهن سهولتن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي 24 جون تي ٿي هئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل