اسرائيل فلسطينين کي صومالي لينڊ اماڻڻ چاهي ٿو: پاڪستان

اسرائيل فلسطينين کي صومالي لينڊ اماڻڻ چاهي ٿو: پاڪستان

نيويارڪ (م ڊ) پاڪستان اسرائيل جي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ واري اعلان کي رد ڪندي فلسطيني عوام جي ڪنهن به بيدخلي جي ڪوشش کي ناقابلِ قبول قرار ڏئي ڇڏيو. صومالي لينڊ کي ملڪ تسليم ڪرڻ وارن اسرائيلي قدمن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو، پاڪستان جي نائب نمائندي عثمان جدون اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل غزه مان فلسطينين کي دربدر ڪري صومالي لينڊ موڪلڻ چاهي ٿو. پاڪستان فلسطيني عوام جي بيدخلي جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ٿو، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته فلسطين مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٻه رياستي حل ذريعي ڪڍيو وڃي. هن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته صومالي حڪومت ملڪي استحڪام لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر اسرائيلي رويو غيرذميواراڻو آهي ۽ خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته اهو قدم بين الاقوامي قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان صوماليه جي خودمختياري ۽ سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.