اسرائيل لاءِ جاسوسي: ايران ۾ هڪ ڄڻي کي ڦاهي، 240 گرفتار

اسرائيل لاءِ جاسوسي: ايران ۾ هڪ ڄڻي کي ڦاهي، 240 گرفتار

تھران (م ڊ) ايران ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي ڦاهي ڏني وئي آهي جڏهن ته پاسداران انقلاب اسلامي ٻن صوبن ڪردستان ۽ ڪرمانشاهه ۾ ڪارروائيون ڪري 240 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. مليل رپورٽن موجب ايران جو چوڻ آهي ته هن اسرائيل لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ ايجنٽ کي ڦاسي ڏني آهي، جنهن تي جنوري ۾ ملڪ گير احتجاجن دوران تخريبڪاري جي ڪارروائين جو الزام هو. ملڪ جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب سزا يافته شخص جي سڃاڻپ عرفان ڪياني جي نالي سان ڪئي وئي آهي ھن تي دهشت پيدا ڪرڻ جو الزام هو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تصديق کان پوءِ کيس ڦاسي ڏني وئي. ٻئي طرف ڪردستان صوبي ۾ 11 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ ڪرد هٿياربند گروپ جي هڪ ميمبر کي به ماريو ويو آهي. پاسداران انقلاب فورسز هٿيارن ۽ گولا بارود جو هڪ ذخيرو پڻ ضبط ڪيو آهي. 70 ٻين ماڻھن کي الڳ الڳ ڇاپن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪرمانشاهه صوبي ۾ پاسداران انقلاب 155 ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن جو تعلق انقلاب مخالف گروهن سان ڄاڻايو ويو آھي جن ۾ چار جاسوس به شامل آهن جن تي اسرائيل جي ايجنسي موساد سان لاڳاپا هجڻ جو الزام آهي. تهران ۾ پوليس هڪ شخص جي گرفتاري جو اعلان ڪيو جنهن تي دشمن نيٽ ورڪن ڏانهن ميزائل حملي جا دستاويز گڏ ڪري شيئر ڪرڻ جو الزام آهي.