| اسرائيل- لبنان ڳالهيون به بنا معاهدي ختم، جنگبندي جي اميد برقرار، حملا به جاري |
بيروت/تل ابيب (م ڊ) اسرائيل ٽن ڏهاڪن ۾ واشنگٽن ۾ لبنان سان پهرين سفارتي ڳالهين بعد ڪالهه لبنان ۾ وڌيڪ حملا ڪيا. اسرائيل ۽ لبنان جون ڳالهيون به بنا اعلان جي ختم ٿي ويون. جڏهن ته ڳالهيون جاري رهڻ جي اميد آهي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته هو سڀني غيررياستي دهشتگرد گروهن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. حزب الله جي ويڙهاڪن ۽ فوجي انفراسٽرڪچر کي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ نشانو بڻايو ويو آهي ۽ حزب الله خلاف آپريشن جاري رهندو. ڪالهه واشنگٽن ۾ اسرائيل-لبنان ڳالهين تي هڪ آمريڪي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ ڳالهين جي حمايت ڪري ٿو. ان لبناني حڪومت جي منصوبي جي پڻ حمايت ڪئي ته ايراني اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال تي رياست جي اجارداري بحال ڪئي وڃي. لبنان جي ايران نواز هٿياربند گروپ حزب الله اربع ڏينهن اتر اسرائيل ۾ ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا. ٽيليگرام تي هڪ بيان ۾ حزب الله چيو ته اسرائيل تي حملا جيستائين اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ماڻهن خلاف اسرائيلي-آمريڪي جارحيت بند نه ٿيندي جاري رهندا. هڪ اسرائيلي فوجي ترجمان اي ايف پي کي ٻڌايو ته حزب الله پاران فائر ڪيل راڪيٽن جو تعداد لڳ ڀڳ 30 هو. حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته هن لبنان ۾ اسرائيل ۽ اسرائيلي فوجين تي 24 حملا ڪيا آهن. حزب الله جي ترجمان ۽ پارليامينٽ ميمبر ابراهيم موسوي جو چوڻ آهي ته ايراني ۽ علائقائي ڪوششون لبنان ۾ جلد جنگ بندي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ٻن نامعلوم سينئر لبناني عملدارن تصديق ڪئي ته لبنان ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، پر انهن وٽ تفصيل نه هئا ته اها ڪڏهن شروع ٿيندي يا ڪيتري وقت تائين هلندي. ٻنهي عملدارن چيو ته اهو ممڪن آهي ته جنگ بندي جي مدت آمريڪا-ايران جنگ بندي سان ڳنڍيل هوندي. ڏکڻ لبنان ۾ ٻن اسرائيلي حملن ۾ هڪ خاندان جي چار ميمبرن سميت نو ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته بيروت کان ڏکڻ شهرن ڏانهن ويندڙ هاءِ وي تي هڪ گاڏي کي به نشانو بڻايو ويو. لبنان جي صحت واري وزارت جي مطابق 2 مارچ کان وٺي ملڪ ۾ اسرائيل جي نئين حملن ۾ لبنان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2,167 ماڻهو مارجي ويا آهن. ان کان علاوه 7,061 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.