| اسرائيل هٿان حماس ترجمان سميت 5 ڪمانڊر شهيد ٿيڻ جي تصديق |
غزه (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس پنهنجي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جي ترجمان ” ابو عبيده“ جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي. القسام بريگيڊز جي نئين ترجمان جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ ابو عبيده سميت القسام بريگيڊز جي ٻين ڪمانڊرز جي شهادت جي تصديق ڪئي. ترجمان اسرائيلي حملن ۾ القسام جي اڳواڻن محمد السنوار، زائد سعد، محمد شبانه، حڪم العيسيٰ جي شهادت جي به تصديق ڪئي. ترجمان ابو عبيده کي سندس اصل نالي حذيفه الڪحلوت سان متعارف ڪرايو، جيڪو القسام ميڊيا ونگ ” الاعلام العسڪري“ جو سربراهه هو.