| اسرائيل پاران جنگبندي ناڪام بڻائڻ جون سازشون شروع: اسان جو هٿ به ٽرگر تي آهي: ايران |
تل ابيب/تهران (م ڊ) جنگبندي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسرائيل ۾ سازشون شروع ٿي ويون، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ايران سان ٻيهر جنگ لاءِ تيار آهي، اسرائيل جتي به ضروري سمجهيو حملا جاري رکندو، هڪ بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته اسان جا وڌيڪ هدف آهن جن کي معاهدي يا جنگ ٻيهر شروع ڪري حاصل ڪنداسين، ايران سان جنگبندي ۾ حزب الله شامل ناهي. سندس چوڻ هو ته هو اسرائيل ايران جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اسان جون آڱريون ٽريگر تي آهن، ڀلي معاهدي سان يا طاقت سان، ايران مان يورينيم جو مڪمل خاتموڪيو ويندو، اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنگبندي جو معاهدو اسرائيل جي مڪمل سهڪار سان ڪيو ويو ۽ جنگبندي پڄاڻي ناهي، هوڏانهن اسرائيل جي پرڏيهي معاملن واري وزير ۽ حڪمران لِڪود پارٽي جي ميمبر امچائي چيڪلي ايران سان جنگ بندي ” غلطي” قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ھڪ انٽرويو ۾ ھن چيو تھ مون کي لڳي ٿو ته هن وقت جنگبندي ڪرڻ هڪ غلطي هئي. جاپاني سلطنت، نازي جرمني ۽ ايران جهڙن ملڪن کي مڪمل طور ڪمزور ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنگبندي جي برقرار رهڻ جو امڪان 50 سيڪڙو آهي.جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ڏيندي ايران صدر معسود پزشڪيان لبنان تي اسرائيلي حملن کي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي امڪاني معاهدي جو عزم ٽوڙڻ جو خطرناڪ اشارو آهي، ايراني صدر چيو ته حملن جو تسلسل ڳالهين کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيندو، هن خبردار ڪيو ته ايران جا هٿ به ٽريگر تي آهن.