اسرائيل پاران شام جي علائقن تي مستقل قبضي جي منظوري، آمريڪا ۽ برطانيا جو شامي حڪومت سان پهريون رابطو، قطر سفارتخانو کوليندو
ڊسمبر 16, 2024
عمان/واشنگٽن/دمشق(م ڊ) شام جي نئين حڪومت سان آمريڪا پهريون رابطو ڪري ورتو، عرب ملڪن شام ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي ڇڏي. جڏهن ته اسرائيل شام جي قبضو ڪيل علائقن کي پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪندي اتي يهودين کي آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٻڌايو ته شام جي نئين حڪومت سان پهريون سڌو رابطو ڪيو ويو آهي، ان رابطي جو مقصد لاپتا آمريڪي صحافي آسٽن ٽائس بابت پڇا ڪرڻ هو. جڏهن ته اردن ۾ عرب ملڪن، ترڪي ۽ يورپ جي نمائندن جي به گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ شام جي مستقبل تي غور ڪيو ويو. اردن ۾ شام جي صورتحال تي عرب ليگ جي 8 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اردن، سعودي عرب، عراق، لبنان، مصر، عرب امارات، بحرين ۽ قطر شامل هئا. اجلاس جي پڌرائي موجب عرب ملڪن شام ۾ ڪنهن نسلي، فرقيواراڻي يا مذهبي تفريق تي خبردار ڪيو ۽ سمورن شهرين سان انصاف ۽ برابري جو مطالبو ڪندي چيو ته سمورين سياسي ۽ سماجي طاقتن کي نئين شامي حڪومت ۾ حصو ملڻ گهرجي. شام ۾ سياسي عمل کي گڏيل قومن ۽ عرب ليگ کي سلامتي ڪائونسل جي قراردات تحت سهڪار ڪرڻ گهرجي، 2015ع ۾ منظور ٿيل قرارداد ۾ ڳالهين سان نبيرو ڪرڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي، رياستي ادارا شام کي افراتفري جو شڪار ٿيڻ کان بچائين ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن ڇاڪاڻ ته ان سان شام، خطي ۽ دنيا جي سيڪورٽي کي خطرو آهي، اجلاس ۾ شام جي سرحد تي اسرائيل جي حملن جي مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته اسرائيل شام جي علائقن تان قبضو خالي ڪري. هوڏانهن اسرائيل جي حڪومت شام جي قبضو ڪيل علائقن کي پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪرڻ ۽ اتي يهودين کي آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي. ان معاملي تي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو ڪيو ۽ آگاهي ڏني. قطر جي حڪومت ان فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. جڏهن ته قطر پنهنجو سفارتخانو کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ سفارتي عملو واپس اماڻيو ويو آهي. ٻئي طرف نئين حڪومت اقتدار تي گرفت مضبوط ڪري رهي آهي، ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ اسڪول کلي ويا آهن. شاگرد اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪلاس رومن ۾ آيا، جڏهن ته ترڪي مان پناهگيرن جي واپسي به جاري آهي هيستائين 7 هزار 600 پناهگير واپس اچي چڪا آهن. جڏهن ته برطانيا شام لاءِ 63 ملين ڊالرن جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته برطانيا به نئين حڪومت سان پهريون رابطو ڪيو آهي. پر برطانيا ۽ آمريڪا حيات تحرير الشام کي بدستور دهشتگرد تنظيم رکڻ جو ئي اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته برطانيا جي اخبار دي فنانشل ٽائيمز دعويٰ ڪئي آهي ته بشارالاسد اقتدار جي آخري ڏهاڙن ۾ 25 ڪروڙ ڊالر روس منتقل ڪيا. جنهن لاءِ 100 ڊالر ۽ 500 يورو جا نوٽ استعمال ڪيا ويا. روس شام مان ڪجهه سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو آهي.