| اسرائيل پاران غزه جيان لبنان ۾ به نسلي صفائي جو اعلان |
تل ابيب(م ڊ) اسرائيل لبنان ۾ بھ غزھ جيان نسلي صفائي جو اعلان ڪندي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آھي. اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪٽز جو چوڻ آهي ته حزب الله سان موجوده جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڏکڻ لبنان جي ڪجهه حصن تي قبضو برقرار رکيو ويندو. لبنان اندر هڪ مستقل سيڪيورٽي زون قائم ڪرڻ جو خاڪو پيش ڪيو آھي بفرزون کي لطاني ندي تائين وڌايو ويندو. بي گهر لبنانين کي واپس اچڻ کان روڪيو ويندو غزه جي طرز جو نسلي صفائي جو ماڊل لاڳو ڪيو ويندو. لبنان ۾ سرحد سان ملندڙ ڳوٺن ۾ سڀني گهرن کي غزه ۾ رفح ۽ بيت حنون ماڊل جي مطابق ڊاٺو ويندو.