اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي جاري: وڌيڪ 450 حملن ۾ سوين ماڻهو شهيد: خوراڪ جو بحران، بکايل شهري امدادي اٽو کڻي ويا
آڪٽوبر 30, 2023
تل ابيب/ غزه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) غزه تي اسرائيل جي بمباري 23هين ڏينهن به جاري رهي. گذريل ڏينهن اسرائيل غزه جي مختلف هنڌن تي نسل ڪشي ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ 450 کان وڌيڪ حملا ڪري سوين فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. فلسطيني صحت کاتي موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 8 هزار 500 کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته زخمين جو تعداد 22 هزار 300 کان وڌيڪ آهي. صحت جي وزارت ٻڌايو ته اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين ۾ اڌ انگ ٻارن جو آهي، اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيلن ۾ 3631 ٻار ۽ 1872 عورتون به شامل آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حملن کي آزادي لاءِ ٻي جنگ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته حماس خلاف جنگ ڏکي ۽ ڊگھي هوندي. اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻار به شهيد ٿي ويو. مقامي صحافي ڪفن ۾ ويڙهيل ٻالڪ جي لاش جي تصوير شوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي، جنهن کي ڏسي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج مسجد سان ڀر واري هڪ عمارت تي بمباري ڪئي، جنهن بابت اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته بمباري ۾ ڪيترائي ٻارڙا شهيد ٿي ويا آهن. مسجد جي ڀر واري ان جاءِ ۾ پناهگير ٻارڙا۽ عورتون پناهه وٺي ويٺل هئا. عرب ميڊيا موجب وچ غزه تي ٿيل حملي ۾ دير البلاد جي مسجد بلال شهيد ٿي وئي آهي. غزه ۾ خوراڪ جي کوٽ پيد اٿي وئي آهي. بي وس مظلوم فلسطينين گڏيل قومن جي امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ مان ڦرلٽ ڪري ڏني. پيٽ بکايل فلسطيني شهري گاڏين مان اٽو، ڪڻڪ ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان کڻي ويا. هوڏانهن آمريڪا به اسرائيل جي ان دعويٰ جي ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ اسرائيل چيو هو ته غزه ۾ خوراڪ جي ڪا کوٽ نه آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي انتظاميا جو چوڻ آهي ته انهن غزه جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ڪيٿوليڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس غزه _اسرائيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ انسانيت جو واسطو ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ پوپ فرانسس چيو ته ڪمزورن کي تباهه ڪرڻ، ڀائيچاري کي خراب ڪرڻ سنگين گناهه آهي. جنگ هميشه شڪست ئي هوندي آهي. تمام جلد جنگبندي ڪئي وڃي. هوڏانهن اسرائيل جي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل جي لاءِ وجود جو امتحان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي وزيراعظم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي حماس کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻي آهي ڇو ته اهو اسان جي لاءِ وجود جو امتحان آهي. نيتن ياهو ايران تي الزام لڳائيندي چيو ته ايران حماس جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته حماس جي فوجي بجيٽ جو 90 سيڪڙو ايران مان ايندو آهي. ايران حماس کي فنڊ ڏيندو آهي جنهن سان هو طاقتور ٿي رهيا آهن جڏهن ته ايران ئي حماس کي هدايتون جاري ڪندو آهي. نيتن ياهو غزه ۾ پنهنجي جارحيت جي حوالي سان چيو ته غزه پٽي جي اندر جنگ ڊگهي ۽ مشڪل ٿي سگهي ٿي ڇو ته اسرائيلي فوجي فلسطيني زمين تي 24 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت کان آپريشن ڪري رهيا آهن. هن اعلان ڪندي چيو ته جنگ ٻئي مرحلي ۾ منتقل ٿي وئي آهي ۽ غزه ۾ حماس جي خلاف زميني ڪارروائي دوران به 200 کان وڌيڪ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوششون جاري رهنديون. ياد رهي ته فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت جاري آهي جنهن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو آهي جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي جڏهن ته آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسرائيلي بربريت جي خلاف مظاهرا ڪيا پيا وڃن. اسرائيلي وزيراعظم جي الزامن جي جواب ۾ ايراني پرڏيهي وزير عبدالهيان چيوآهي ته غزه ۾ حماس جي آپريشن سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، فلسطين جي سياسي سفارتي اخلاقي حمايت اڳ به ڪئي آهي، هاڻي به ڪنداسين، اسرائيلي وزراعظم جا بيان حقيقتن جي ابتڙ آهن. هوڏانهن فسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ اسرائيل جي اهم ترين شهر ديمونا کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ديمونا شهر ڳجهن حساس جوهري ٿاڪن سبب اهم آهي. خابرو اداري جي رپورٽ موجب حماس ديمونا شهر کي نشانو بڻايو آهي پر اها خبر ناهي پئجي سگھي ته انهن حملن ۾ صيهوني فورسز يا حساس جوهري ٿاڪن کي ڪنهن قسم جو نقصان پهتو آهي يا نه. پرڏيهي ميڊيا موجب حماس غزا ۾ اسرئايل فوج جي زميني ڪارروائي ۾ شريڪ هڪ فوجي ٽرڪ کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حزب الله به اسرائيلي فوجي قافلي ۽ چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو آهي. ٻي پاسي اسرائيلي فوج غزا جي شهرن کي هڪ ڀيرو وري ڏکڻ ۾ منتقل ٿيڻ جي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ڏکڻ ۾ غزا جا شهري پاڻي، خوراڪ، دوائون حاصل ڪري سگھندا. اسرائيلي فوجي ترجمان چيو آهي ته سڀاڻي کان آمريڪا ۽ مصر جي غزا لاءِ انساني امداد جي ڪوششن کي وڌايو ويندو، اسرائيل جي ويڙهه غزا جي ماڻهن سان نه، حماس سان آهي. حماس اسرائيل ۾ قيد 6 فلسطينين جي آزادي عيوض اسرائيلي قيدين کي ڇڏڻ تي راضي ٿي وئي آهي. فلسطيني مزاحمتي تنظيم جي ترجمان ابو عبيدا غزا جي شهرين کي پاڻ سان بيهڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته شهري ان معاملي کي فيصلو ڪندڙ سمجهن، ڪابيابي اسان جي ئي ٿيندي. هوڏانهن اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن چيو آهي ته صيهوني حڪومت قيدين جي خيريت سان آزادي جي ذميوار آهي، وزيراعظم نيتن ياهو سڀني قيدين جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري. اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته غزا ۾ جاري زميني ڪارروايون جنگ جو ٻيو مرحلو آهي، غزا پٽي جي اندر جنگ ڏکي ۽ ڊگھي هوندي. ان حوالي سان حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ڪارروايون وچ ۾ ڪيترائي يرغمالي به مارجي ويا آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ هو ته اسرائيل جي غزا هوائي ۽ زميني حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار کان وڌي چڪو آهي جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز جي ترجمان ابو عبيدا وڌيڪ چيو آهي ته اسرائيل جي جارحيت ۽ رتوڇاڻ هولو ڪاسٽ کان وڌيڪ آهي، غزا جا شهري ان جنگ کي فيصلو ڪندڙ مقابلو سمجهن ۽ اسان سان گڏ بيهن. هڪ بيان ۾ القسام برگيڊ جي ترجمان ابو عبيدا چيو ته دشمن روز زميني ڪاررواين جون ڌمڪيون ڏئي رهيا اهن. اسان به انتظار ۾ آهيون ته دشمن کي نئين قسم جي موت جو مزو چکايون، اسان جي ماڻهن کي يقين رکڻ گھرجي ته ڪاميابي ٿيندي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته حماس طرفان جوابي ڪارروايون جاري آهن، القسام برگيڊ جي حملي ۾ اسرائيلي فوج جي بڪتربند تباهه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن حزب الله جا به اسرائيلي فوجين تي حملاجاري آهن جن ۾ فوجي گاڏيون تباهه ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي. ٻي پاسي حماس جي سينيئر عهديدار علي براڪه جو چوڻ هو ته اسرائيلي فورسز سڄي رات غزا تي زميني حملا ۽ بمباري ڪئي پر غزا تي اسرائيل فوج جو ٽي طرفو حملو ناڪام ٿي ويو هو. هن چيو ته غزا تي حملي ۾ دهشمن کي فوجين ۽ سامان جي لحاظ سان ڳرو نقصان ٿيو، دشمن ڪيترن ئي محاذن تي فلسطيني مزاحمت جي تيار ڪيل ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. حماس جي عهديدار ٻڌايو ته اسرائيلي حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ روسي ٽينڪ شڪن ميزائيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ياسين ميزائيل استعمال ڪيا ويا، اسرائيلي فوج هيليڪاپٽرن سان زخمين ۽ لاش کي ڪڍيو. اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اتر غزا ۾ گذريل رات داخل ٿيندڙ اسرائيلي فوجي اڃا به موجود آهن، فلسطيني انڪليوو ۾ فوجي ڪارروايون وڌايو آهن.