اسرائيل پهرئين ڏينهن ئي لبنان سان جنگبندي ٽوڙي ڇڏي، 14 شهيد

  اسرائيل پهرئين ڏينهن ئي لبنان سان جنگبندي ٽوڙي ڇڏي، 14 شهيد

بيروت (م ڊ) اسرائيل جي لبنان سان جنگ بندي شروع ٿي وئي آھي جنگبندي جي پھرئين ڏينھن ئي اسرائيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايمبولينس تي حملو ڪيو. ٻئي حملي ۾ بيت ياهون ۾ موٽرسائيڪل کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. گذريل رات لبنان جي شهر صائر ۾ اسرائيلي حملي ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا ۽ 35 زخمي ٿيا. 15 ڄڻا اڃا گم آهن. 2 مارچ کان لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 2,294 تائين پهچي ويو. لبناني صحت واري وزارت چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 7,544 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. ٻئي طرف اسرائيل بچاءُ وزير اسرائيل ڪاٽز چيو ته جيڪڏهن ويڙهه ٻيهر شروع ٿي ته هزارين بي گھر لبناني جيڪي ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجن گهرن ڏانهن موٽيا آهن، انهن کي ٻيهر ٻاهر ڪڍڻ تي مجبور ڪيو ويندو لبنان ۾ حملي ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پر حزب الله خلاف مهم اڃا ختم نه ٿي آهي. اسرائيلي فوج انهن سڀني هنڌن تي موجودگي برقرار رکندي جن تي قبضو ڪيو ويو آهي.