| اسرائيل ڄاڻي واڻي فلسطيني ٻار شهيد ڪيا، حڪمرانن کي گرفتار ڪيو وڃي: گڏيل قومون |
نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي هڪ آزاد ڪميشن آف انڪوائري انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي فوجون غزه ۾ ٻارن ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي فلسطينين جي نسل ڪشي جاري رکي رهيون آهن اسرائيلي فوجي آپريشن فلسطيني ٻارن لاءِ بي مثال موت، زخمي ۽ صدمي جو سبب بڻيا آهن. غزه ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به نسل ڪشي جاري آهي. ڪميشن جي چيئرمين سرينواسن مرليڌر چيو ته آڪٽوبر 2025 جي جنگ بندي کان پوءِ به ٻار مارجي رهيا آهن ۽ سخت زخمي ٿي رهيا آهن، اسرائيل طرفان جنگ بندي ۽ بين الاقوامي قانون تحت فلسطيني ٻارن جي تحفظ کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ والاريل اولهمدي ڪناري ۽ اوڀر يروشلم ۾ به اسرائيل تي جنگي ڏوهن جو الزام لڳايو ويو ۽ چيو ويو ته اسرائيلي آبادڪارن جي فلسطيني ٻارن خلاف تشدد ۾ واڌ آئي آهي. اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري ۾ ٻارن خلاف بار بار غير معقول، حد کان وڌيڪ ۽ سزا ڏيندڙ طاقت استعمال ڪئي آهي. ڪميشن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته غزه ۾ فوجي آپريشن فوري طور تي بند ڪري بين الاقوامي قانون تحت ٻارن لاءِ پنهنجي خاص ذميدارين جي پاسداري ڪري. رپورٽ ۾ ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي عالمي ڪرمنل ڪورٽ کي گهربل اسرائيلي عملدارن کي گرفتار ڪري اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪي وڃي اسرائيلي عملدارن ۽ آبادڪارن تي پابنديون لاڳو ڪن. فلسطيني وزارت صحت مطابق اٺ مهينا گذري ويا اسرائيل تقريبن روزانو هوائي حملا ڪيا آهن جن ۾ 1,000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن جن ۾ 250 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن. فلسطيني پرڏيهي وزارت رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو ته اها رپورٽ ثابت ڪري ٿي ته قابض طاقت فلسطيني ٻارن خلاف ڏوهه ڪيا ۽ اسرائيلي حڪومت انهن ڏوهن جي ذميوارن کي سزا نه ڏني ۽ عالمي برادري به اسرائيل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. اسرائيلي حڪومت نسل ڪشي ڪرڻ کان انڪار ڪندي گڏيل قومن جي نتيجن کي فوري طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي پرڏيهي وزارت ان کي پروپيگنڊا جو حصو قرار ڏنو آهي.