اسرائيل ۽ آمريڪا جا حملا: ايران جي 56 ثقافتي مرڪزن کي نقصان

اسرائيل ۽ آمريڪا جا حملا: ايران جي 56 ثقافتي مرڪزن کي نقصان

تھران (م ڊ) ايران آمريڪا-اسرائيلي حملن جي ڪري 56 ثقافتي ماڳن کي وڏي پيماني تي نقصان جي تصديق ڪئي آھي. ملڪ جي ثقافت وزارت جي مطابق جنگ جي شروعات کان وٺي آمريڪي-اسرائيلي حملن جي ڪري ايران جي گهٽ ۾ گهٽ 56 ثقافتي جڳهن، جن ۾ عجائب گھر ۽ تاريخي يادگار شامل آهن، کي سنگين نقصان پهتو آهي. بيان ۾ وزارت اهو پڻ چيو ته تهران صوبو فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي جتي 19 يادگارون تباھھ ڪيون ويون آھن. ڪردستان صوبي ۾ 12 اهم يادگارن کي پڻ نقصان پهتو آهي.