اسرائيل ۽ لبنان ۾ 10 ڏينهن جي جنگبندي، شهباز ۽ فيلڊ مارشل جون ملاقاتون، ايران سان ڊيل ٿي ته اسلام آباد ويندس: ٽرمپ

اسرائيل ۽ لبنان ۾ 10 ڏينهن جي جنگبندي، شهباز ۽ فيلڊ مارشل جون ملاقاتون، ايران سان ڊيل ٿي ته اسلام آباد ويندس: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل کانپوءِ لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ به 10 ڏينهن جي جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي جنگ واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته ايران کي پنهنجا فيصلا عقل سان ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن ايران غلط فيصلو ڪيو ۽ معاهدو نه ڪيو ته آمريڪي فوج ٻيهر جنگي ڪارروائين لاءِ مڪمل طور تيار آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته لبناني صدر جوزف عون ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نتن ياهو سان ڳالهايو آهي ۽ ٻئي ملڪ 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن لکيو ته امن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي اڳواڻ سرڪاري طور تي اوڀر جي وقت مطابق رات جو 10:00 وڳي کان 10 ڏينهن جي جنگ بندي شروع ڪرڻ تي متفق ٿيا آهن. اهو مون لاءِ اعزاز آهي ته مون هيس تائين نو جنگيون ختم ڪرايون آهن ۽ هي ڏهين هوندي. هڪ ٻي پوسٽ ۾ هن لکيو ته نتن ياهو ۽ جوزف عون کي اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ بامعنيٰ ڳالهين لاءِ وائيٽ هائوس ۾ دعوت ڏني آهي، جيڪا 1983 کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پهرين ڳالهه ٻولهه هوندي. هن چيو ته ٻئي ڌريون امن چاهين ٿيون ۽ مون کي يقين آهي ته اهو جلد ٿيندو. هن چيو ته ايران سان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون اسان ٻئي معاهدو چاهيون ٿا ڊيل ٿي وئي ته آئون اسلام آباد وڃي سگهان ٿو جيڪڏهن ڊيل نه ٿي ته حملا وري شروع ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان جا ليڊر وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل بهترين ماڻهو آهن. هوڏانهن لبنان ۾ حملن ۾ شهيدن جو انگ 2 هزار 196 ۽ زخمين جو 7 هزار 185 ٿي ويو آهي. ڪالهه زهراني ۾ اسرائيلي حملن ۾ 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا. 33 زخمي ٿيا. حزب الله اعلان ڪيو آهي ته جيستائين علائقن تي اسرائيلي قبضا جاري آهن مزاحمت جاري رهندي. حزب الله 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيل تي 39 حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ٻئي طرف صدر ٽرمپ کي ايران تي حملي جو گرين سگنل ملي ويو، هائوس آف رپريزنٽيوز ۾ ايران خلاف حملي جو اختيار محدود ڪرڻ واري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪوشش رد ٿي وئي اختيار روڪڻ جي مخالفت ۾ 214 ۽ حمايت ۾ 213 ووٽ پيا هڪ ميمبر ووٽ نه ڏنو.

ڪراچي/دوحا (م ڊ) پاڪستان کي سعودي عرب کان ٻه ارب ڊالر ملي ويا. پاڪستان جون امن ڪوششون جاري آهن، وزيراعظم سعودي عرب ۽ قطر ۾ ملاقاتن بعد ترڪي پهچي ويو، فيلڊمارشل ايران ۾ اهم ملاقاتون ڪيون. مليل اطلاعن موجب پاڪستان جون امن ڪوششون جاري آهن اسٽيٽ بينڪ تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب طرفان ٻه ارب ڊالر فنڊن جي مد ۾ وصول ٿيا آهن. سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالرز ڊپازٽ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد ملاقات جي دوران ايران آمريڪا ڳالهين بابت ڳالهيون ڪيون، خطي ۾ امن، استحڪام جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ختم ڪري قطر پهچي ويو جتي هن قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير وچ ۾ ملاقات دوران خطي جي صورتحال، خاص طور تي عرب ملڪن ۾ ڇڪتاڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ وزيراعظم قطر جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان قطر ۽ ٻين ملڪن تي حملن جي مذمت ڪري ٿو. شهباز شريف ۽ قطري امير ٻطرفن لاڳاپن، سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف امن، استحڪام جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين جي اهميت تي به زور ڏنو. هوڏانهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ايراني پارليامانيٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سان ملاقات ٿي آهي. ايراني ميِديا  موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تهران ۾ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سان ملاقات ٿي. گذريل ڏينهن فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به ملاقات ٿي هئي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان طرفان ڳالهين جي ميزباني تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ بابت اسان جا ارادا مضبوط آهن جيڪا گهري ۽ عظيم ٻطرفي لاڳاپن جي نشاني آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جو تهران جو دورو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن جو حصو آهي گهرو وزير محسن نقوي به فيلڊ مارشل سان گڏ آهي.