اسرائيل ۾ نيتن ياهو خلاف وڏو مظاهرو
جُون 29, 2025
تل ابيب (پنهنجي ڊيسڪ) اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو.
تل ابيب ۾ هزارين مظاهرين غزه مان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ ۾ ناڪامي تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي .
ان موقعي تي، مظاهرين اهو به مطالبو ڪيو ته وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت غزه جنگ کي فوري طور تي ختم ڪري.
ياد رهي ته اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو خلاف ڪيترائي ڀيرا وڏا مظاهرا اڳ به ٿي چڪا آهن.