اسرائيل 4 لبناني شهيد ڪري ڇڏيا، ٻيو امن فوجي مارجي ويو

اسرائيل 4 لبناني شهيد ڪري ڇڏيا، ٻيو امن فوجي مارجي ويو

بيروت (م ڊ) ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملي ۾ چار ڄڻا شهيدي ٿي ويا، امن فوج جو هڪ وڌڪ اهلڪار مارجي ويو، اسرائيل وڌيڪ ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.مليل اطلاعن موجب لبنان جي سرڪاري نيشنل نيوز ايجنسي چيو ته ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا. نباطيه ضلعي ۾ ٻه اسرائيلي حملا ڪيا ويا، هڪ ٽرڪ تي ۽ ٻيو موٽرسائيڪل تي ٿيو جنهن ۾ چار ماڻهو مارجي ويا. اسرائيلي فوج چيو ته حزب الله جا چار ماڻهو ماريا آهن اهي هٿيارن سان ڀريل گاڏي ۾ سفر ڪري رهيا هئا ماريل دهشتگرد ڏکڻ لبنان ۾ ڪم ڪندڙ اسرائيلي سپاهين لاءِ خطرو پيدا ڪري رهيا هئا. هوڏانهن انڊونيشيائي سپاهي ڏکڻ لبنان ۾ تازن حملن ۾ مارجي ويو آهي جيڪو امن فوج جو حصو هو جنهن سان مارجي ويل امن فوجين جو انگ 6 ٿي ويو آهي.  اسرائيلي ڊفينس فورسز چيو ته لبنان کان اسرائيلي علائقي ۾ ٻه راڪيٽ فائر ڪيا ويا هي حزب الله پاران جنگ بندي معاهدي جي خلاف ورزي آهي. هڪ راڪيٽ کي روڪيو ويو جڏهن ته ٻيو کليل علائقي ۾ ڪري پيو. ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.