اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ جي رشوت وٺڻ جون وڊيوز وائرل، ڪمشنر نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم

جنوري 8, 2024

عمرڪوٽ(رپورٽ: اوي گوسوامي) اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ شعبان شيخ جون مختلف پيٽرول پمپ کان مبينا پئسا وٺڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ شعبان شيخ جي موجودگي ۾ سندس آفيس جو ڪلارڪ پمپ جي مينئجر کان مبينا طور پئسا وٺي رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر شعبان شيخ کي بي پي ايس 17 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر  طور پهريون ڀيرو عمرڪوٽ ۾ ئي مقرر ڪيو ويو آهي هو  پي ايس 50 جو آر او پڻ مقرر ڪيل آھي. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ شعبان شيخ سان رابطو ڪري تعارف ڪرايو ويو ته هن ڪال ڪٽي ڇڏي، ان بعد بار بار رابطو ڪرڻ جي باوجود فون اٽينڊ نه ڪيائين. رابطو ڪرڻ تي پمپ مالڪ علي کاڙت ٻڌايو ته جيڪا وڊيو وائرل ٿي آهي اها بلڪل منهنجي پيٽرول پمپ جي آهي منهنجي پمپ جو مئنيجر نرمل ميگھواڙ اي سي جي موجودگي ۾ سندس ڪلارڪ جئه سونارو کي پئسا ڏئي رهيو آهي، جڏھن ته اسان جي پمپ جي ماپ ۾ ڪابه هيرا ڦيري ٿيل نه هئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ولي محمد بلوچ ٻڌايو ته اي سي عمرڪوٽ پاران علي پيٽرول پمپ تي رشوت وٺڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪمشنر ميرپورخاص نوٽيس وٺندي مون کي ليٽر جاري ڪيو آهي ته ٻن ڏينهن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪريان، آئون انهي معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪري رپورٽ ڪمشنر ميرپورخاص وٽ جمع ڪرائيندس مون به اهو مامرو سوشل ميڊيا تي ڏٺو آهي وڌيڪ انڪوائري ڪرڻ سان خبر پوندي.

اي سي تي سوا 2 لک رشوت وٺڻ، پيٽرول پمپ تي منٿلي مقرر ڪرڻ جو الزام

عمرڪوٽ: ڊي سي عمرڪوٽ ولي محمد بلوچ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اي سي عمرڪوٽ کان هڪ ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. هن ليٽر نمبر ڊي سي/يوڪي/اي ايس ٽي:/81/2024 تاريخ 7 جنوري 2024ع تي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميرپورخاص ڊويزن جي ڪمشنر جي ليٽر نمبر روينيو/38-اي/2024 جيڪو 6 جنوري جو آهي تحت توهان تي سوشل ميڊيا تي لڳل الزامن جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي توهان اڄ ئي هيٺ ڄاڻايل الزامن جا جواب جمع ڪرايو ته جيئن جاچ ڪري رپورٽ ڪمشنر جي آفيس اماڻي سگهجي. توهان تي الزام آهي ته توهان علي پيٽروليم سروس ڇور روڊ عمرڪوٽ تان ڪلرڪ جئه پرڪاش جي موجودگي ۾ رشوت ورتي. ٻيو ته توهان دستاويز نه هجڻ تي ڇاڇرو روڊ تي واقع احمداڻي پيٽروليم کي سيل ڪيو ۽ بعد ۾ ڪاغذ نه هجڻ باوجود 2 لک رپيا رشوت وٺي اها سيل کولي ڇڏي جڏهن ته توهان ان پيٽروليم سروس تان هر مهيني 50 هزار رپيا رشوت جي مد ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته توهان جوڻيجو پيٽروليم سروسز ڇاڇرو روڊ عمرڪوٽ کان 25 هزا ررپيا رشوت وصول ڪئي. اي سي تي اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته هن قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪئي.

Leave A Comment